شمائل نبوي منظوم قلمي نسخو

شمائل نبوي (منظوم قلمي نسخو): هيءُ ڪتاب امام ترمذيءَ جي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم متعلق لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو مولوي محمد ٻنويءَ سنڌي نثر جي خوش اسلوب عبارت ۾ ڪيو. مولانا ٻنوي سنڌي توڙي عربي، فارسي زبانن جو خود به وڏو اديب ۽ شاعر هو. هن پاڻ به فارسي، سنڌي ۽ عربي زبانن ۾ ڪيترائي قصيده لکيا. ‘شمائل نبوي’ نالي هن ڪتاب جو ترجمو نثر ۾ ڪيائين. هيءُ ڪتاب سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي نه سگھيو. اسلامي تعليم جي نسبت موجب هن ڪتاب کي جوڳي اهميت حاصل آهي. مولانا محمد ٻنويءَ جي هيءَ ڪاوش ديني ادب ۾ نهايت عمدي درجي جي حامل ليکي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو